ٺٽي جا ولي الله ۽ انھن جون ڪرامتون

تحقيق ء تحرير ڪامريڊ گل محمد خشڪ

مون کي لڳي ٿو ت منھنجي ھن موضوع تي ڪيترن دوستن کي حيرت ضرور ٿيندي پر ھي منھنجي ڪيترن ئي سالن جي محنت ۽ پورھيو آھي جيڪو آئون اوھان سان ونڊ ڪرڻ چاھيان ٿو ۽ مون کي پنھنجي رب تي ڪامل يقين آھي ت ھن ڌرتي جي گولي تي اھڙن مھان انسانن کي جنم ڏنو آھي جيڪي خدائي ڏاھپ ۽ رياضتون سان ڪرامتن جا صاحب ٿين ٿا ٺٽو اھڙن الله جي ولين سان ڀريل آھي ڪن جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو ت ڪي نامعلوم آھن

مخدوم صدو لانگاھ

ھي بزرگ اڳوڻي بٺوري پرڳڻي ۽ ھاڻوڪي ميرپور بٺورو جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آھي وڏو ڪارڪن ولي جو ھي بزرگ رات جو مٽن ۾ پيل پاڻي ب ھاري ڇڏيندو ھو ۽ چوندو ھو ت سڀاڻي نئون ڏينھن نئون رزق جنھن ڳوٺ ۾ ھي بزرگ رھندو ھو اھو ڳوٺ متعلقه سيدن جو ھو ان مان پھرين سيد عبدالڪريم ھن مخدوم جو مريد ٿيو ھن بزرگ جو پٽ ملان ان. ب مشھور بزرگ وارو ٿي گذريو آھي ھڪڙي ڀيري ڪنھن پاسي ويو ٿي سياري جي موسم ھئي وچين ڌاري دريا جي ڪناري تي پھتو پتڻ واري ٻيڙي ھن پار ڪا ن ھئي جيڪو خادم ساڻ ھين تنھن صلاح ڏني ت موٽي ڪنھن وسندي ۾ جملجي ۽ رات اتي گذارجي ر مخدوم چيو ته رات اتي ڪناري تي ٿا گذاريون ٿوري دير کان پوء ڏسن دريا سسي واھ جيڏو ٿي پيو خادم مخدوم کي چيو ت ھا ي لنگھي پار ٿي وينداسين مخدوم چيو ت اسان جي توڪل خدا تي آھي پاڻي جو احسان ڪو ن کڻنداسين آخر پار ڪ لنگھي و ۽ رات دريا ڪناري گذاري ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن ٻيڙي آئي تڏھن پتڻ لنگھيو

شاھ عنايت شھيد

ملان اجب جو پٽ ملان شھاب الدين ب پي جھڙو ٿيو پوء انھي جو پٽ ملان يوسف ۽ انھي جو پٽملان فضل الله پڻ وڏو درويش ٿي گذريو آھي انھي کانپوء انھي جو پٽ شاھ عنايت صوفي ڪامل درويش ٿيو جنھن وڏا سير ۽ سفر ڪيا ۽ دکن ھندستان ۾ وڃي برهانپور شھر ۾ شاھ عبدالمالڪ جي صحبت حاصل ڪيائين ۽ پنج ورھيہ انھي جي ارشاد ھيٺ ڏاڍيون رياضتون ڪيائين ۽ ظاھري علم جي تحصيل شاھ جھان آباد جي شاھ غلام محمد وٽ ڪيائين ۽ مريد ب انھي جو ٿيو انھي جي معرفت شاھ عبد الملڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو شاھ عبدالملڪ ھن کي ڳاڙھو شروع ترار ۽ ٽوپي ڏيئي صوفي جو لقب عطا ڪري سنڌ ۾ وڃي خانقاھ ڪڍڻ جو حڪم ڏنو شاھ غلام محمد جڏھن شاھ عنايت کي اعلا درجي تي ڏٺو تڏھن پاڻ ھن جو مريد ٿيو ۽ سندس پٺيان ٺٽي ۾ آيو انھي تي ٺٽي جي عالمن انھي عالم تي اعتراض آندو ۽ تعزيت ڏيڻ گھريائون تنھنڪري ھو مرشد کان موڪلائي. موٽي شاھ جھان آباد ۾ آيو اتي فقيري جي خانقاھ کوليائين ۽ باقي عمر اتي گذاريائين ۽ ھزارين مريد ٿيس باقي شاھ عنايت الله ٺٽي مان لڏي ميرانپور اڄوڪي جھوڪ شريف ۾ اچي رھيو جتي ماڻھن جو ميڙ وٽس وڌڻ لڳو تنھنڪري. اتي جي ڪن پيرن مشائخن توڙي وڏيرن جو. مٿس حسد پيدا ٿيو نورمحمد يجي حمل لاکي ۽ بين سيد عبدالڪريم جي پوٽن سان صلاح ڪري شاھ عنايت ۽ سندس فقيرن سان کونس شروع ڪئي انھن سيدن مان انھي وقت سيد عبدالواسع وڏو ھو انھن ھڪڙي ڏينھن اوچتو شاھ عنايت جي فقيرن تي ڪاھ ڪئي ت ھن ڌر جا ڪيترائي ماڻھون مارجي ويا انھن جي مائٽن دھلي ڏانھن رخ ڪيو ۽ دھلي جي بادشاھ فرخ شير وٽ دانهين ويا ۽ ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان ب انھن جي پٺ ڀرائي ڪئي ۽ شاھ عنايت خلاف پڻ لکيائين سن 1130 ۾ وڏو لشڪر گڏ ٿي آيو ۽ شاھ عنايت ۽ شاھ عنايت کي شھيد ڪيائون کانئس کان پوء سندس پٽ شاھ عزت الله سجاد نشين ٿيو سندس ٻيو پٽ شاھ سلام الله فقرھ باقي ۽ رياضتون ۾ گذاريندو ھو وڏو ڪرامتن وارو ھو انھن ڏينھن م جڏھن ميان محمد عطر خان ۽ ميان غلام شاھ ڪلھوڙا ٻئي ڀائر سنڌ سڏ جي گاڌي لاء پاڻ ۾ پئي وڙھيا تڏھين ڪنھن ماڻھون ھن بزرگ کان پڇيو ت ھنن ڀائرن مان ڪير کٽندو چيائين ت عين ۽ غين جي پاڻ ۾ جنگ آھي تنھن ۾ غين کٽندي آخر ميان غلام شاھ فتحياب ٿيو ۽ سنڌ جو مالڪ ٿيو

شاھ عنايت جي شھادت جو واقعو

جڏھن فرخ شير بادشاھ جي ڌيان تي آندائون ت شاھ عنايت ماڻھون ۽ مريد پيو گڏ ڪري باغي ٿيڻ ۽ وڙھڻ جو ارادو اٿس تڏھين ھن پنھنجي امير نورمحمد عباسي کي شاھ عنايت کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو اھو ميان نور محمد پوء خدا يار خان جي لقب سان سنڌ جو نواب ٿيو ميان نورمحمد ماڻھون گڏ ڪري جھوڪ کي اچي گھيرو ڪيو جيڪو چار مھينا ھليو نور محمد جي دال ن ڳري شاھ عنايت جي مريدن ۾ ٽالپر ب ھئا جن جو سردار مير شھداد خان ھو ٽالپور پھرين ڪلھوڙن جا مريد ھئا جڏھن منجھائن ڪي وڃي صوفي ٿيا تڏھن ڪلھوڙا ب شاھ عنايت جا دشمن ٿيا مير شھداد خان شاھ عنايت جو سنڍو ب ھو ۽ مريد ب ھو ٻنھين جي گھرن ۾ ٻ سوڍيون ھيون جي پاڻ ۾ ڀيڻون ھيون ميان نورمحمد ڪلھوڙي مير شھداد کي سمجھايو ت شاھ عنايت سان صلح ڪرائي انجام ڪيائين ڏاڙھي ب ڏنائين ت شاھ کي نقصان ڪو ن رسائيندا مير شھداد خان شاھ عنايت کي انھي بابت چيو پر شاھ عنايت بيت جي مصرع ۾ جواب ڏنو ت

ڏونگرين ڏني ڏاڙھي ڪر ڪرڻ ڪري جو پڇ مطلب ت ھن جي ڏاڙھي تي اعتبار ڪونھي تنھن تي مير شھداد ھن کي پنھنجي طرفان بلڪل خاطري ڏني ۽ پنھنجي ڏاڙھي ب ڏني جنھن تي شاھ عنايت کي ھن جو لاچار ٿيو ۽ ميان نور محمد سان صلح ڪيائين. ۽ پنھنجن فقيرن کي موڪل ڏنائين جي ھليا ويا ميان نور محمد وٽ راجو ليکي خليفو ۽ امير ھو تنھن ميان جي چوڻ تي دغا سان شاھ عنايت کي شھيد ڪرائي ڇڏيو شاھ عنايت جي شھادت کان پوء ميان پاڻ ڏاڍو غمگين ۽ شرمندو ٿيو پنھنجي ڏاڙھي کي انھي ڏينھن کان پوء ڇڏي ڏنائين وري ھٿ ب ن لاٿائين جيئن ٻروچن جي رسم ھئي چوندو ھو ت ڪوڙي جي ڏاڙھي جو ڪھڙو سينگار آھي سگھوئي پوء ميان نور محمد ب مري ويو ۽ شاھ عنايت شھيد جي سسي بادشاھ فرخ شير ڏي موڪلي ڏنائون چون ٿا ت ان وقت بادشاھ ڪچھري لڳايو ويٺو ھو شاھ عنايت شھيد جا ڪي صوفي مريد ب اتي حاظر ھئا انھن کي فخر سان چوڻ لڳو ت اوھان جي مرشد اجايو کڻي ھل مچايو ھو اجھا سندس سسي آئي آھي ھنن ڏک مان جواب ڏنو ت برابر آئي آھي پر دھلي کي ويران ڪرڻ لاء پوء سگھو ئي فرخ سير کي ڪنھن خنجر ھڻي ماري وڌو ۽ مغلن جو خاندان پورو ٿيو شاھ عنايت شھيد کي فارسي تي عبور حاصل ھو ۽ سنڌي جو وڏو شاعر ھو ھن بزرگ جو سنڌي ڪلام تمام عمدو آھي

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *