پلو سمنڊ ۽ درياهه جي مڇي
|
Photo Courtesy: Dawn.com
”پلو“ سمنڊ ۽ درياء جي مڇي!
پلو سنڌ جي مشهور مڇي آهي. هيءَ اصل سمنڊ جي مڇي آهي. جيڪا سمنڊ ۾ درياهه جي ڇوڙ ڪرڻ وقت اتان آنن ۽ ٻچن ڏيڻ لاءِ درياهه ۾ اچي ٿي، ان کي پلو چوندا آهيون. مڇي جيڪا کاري پاڻي يعني سمنڊ کان هجرت ڪري مٺي درياهه ۾ اچي ٿي، ان هجرت کي ايناڊرامس (Anadromous) هجرت چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح وري ڪا به مڇي مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻيءَ ۾ ويندي آهي ته سندس ان هجرت کي ڪئٽاڊرامس (Catadromous) هجرت چيو ويندو آهي. پلو ايناڊرامس هجرت ڪرڻ واري مڇي آهي. سنڌ جو پلو خاص ڪري عربي سمنڊ ۾ رهندو آهي. پلو سنڌ کان سواءِ ڀارت، بنگلاديش، برما، ايران، عراق ۽ سريلنڪا جي درياهن ۾ پڻ ملندو آهي. پلي جو جديد سائنسي نالو ’تانولوسا اليشيا‘ (Tenualosa ilisha) آهي، جڏهن ته اڳ ۾ اهو ’هلسا اليشيا‘ (Hilsa ilisha) سڏبو هو. سنڌ جي پلي جو سواد ٻين هنڌن تي ملندڙ ساڳئي قسم کان ڪي قدر مختلف هوندو آهي.
پلو سنڌو درياهه ۾ مئي مهيني کان سيپٽمبر ڌاري ايندو آهي. جڏهن درياهه ۾ گهڻو تيز وهڪرو ۽ چاڙهه هوندو آهي، تڏهن پلو درياهه ۾ آنا لاهڻ لاءِ ايندو آهي. آنيءَ وارو پلو مادي هوندو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق اڍائي ڪلو وزن جي ماديءَ جي آنيءَ ۾ چاليهه کان پنجاهه لک آنا هوندا آهن. جنهن کي اسان کيرو پلو چوندا آهيون، اهو اصل ۾ نر هوندو آهي. مادي آنا لاهيندي ويندي آهي، پويان نر پنهنجا ’تخمي جِيوَ‘ (Sperm) ڇڏيندو ويندو آهي، ان کان پوءِ آنن جي واڌ وارو عمل پلي جي جسم کان ٻاهر پاڻيءَ ۾ مڪمل ٿيندو آهي. اٽڪل 18 کان 26 ڪلاڪن کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽڻ لڳندا آهن، جيڪي درياهه جي تيز وهڪري سبب وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن ۽ وري جڏهن بالغ ٿيندا آهن، تڏهن وري سمنڊ کان مٺي پاڻيءَ ۾ ايندا آهن، پلو جڏهن درياهه ۾ آني ڏيڻ لاءِ ايندو آهي، ان وقت اُهو پنهنجي جسم ۾ چرٻي يا سانڍيل خوراڪ جمع ڪري ايندو آهي ۽ پوءِ درياهه ۾ جيترو عرصو رهندو آهي، ڪجهه نه کائيندو آهي. آنا لاهڻ کان پوءِ واپس سمنڊ ۾ وڃي ٻيهر کاڌ خوراڪ کائيندو آهي. عام ماڻهو چوندا آهن ته پلو واري کائيندو آهي، پر ائين نه آهي، اهو پاڻيءَ جا ننڍڙا جاندار ’پلئنڪٽان‘ (Plankton) کائيندو آهي، تنهنڪري پلي کي Planktivorous مڇي به چيو ويندو آهي.
پاڪستان ۾ پلو ملتان تائين به رڪارڊ ٿيل آهي. بئراجن کان اڳ پلو ٿوري وقت ۾ سمنڊ مان سکر تائين پهچندو هو. ٻين جاندارن وانگر مڇيءَ جي هر جنس ۾ نرماد ٿين ٿا، پر سواءِ ڪن ٿورين جنسن جي ٻين مڇين جا نر- ماد ڏسڻ سان سڃاڻي نٿا سگهجن. پلي جي ماديءَ جي سڃاڻپ عام طور معلوم آهي، جو کيرو پلو، جنهن جي پيٽ ۾ آني ڪانهي، سو نر آهي ۽ آنيارو (آنيءَ وارو پلو) مادي هوندو آهي، پر اها سڃاڻپ آنيءَ جي هئڻ يا نه هئڻ جي لحاظ سان آهي. هيءُ مقرر موسم تي درياهه ۾ چڙهي ايندو آهي. سنڌو درياهه ۾ جنوريءَ کان وٺي آگسٽ تائين رهندو آهي. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ کان پوءِ 1954ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ته پلو صرف ۽ صرف ڄام شوري تائين محدود ٿي ويو. انهن پُلين ۽ بئراجن جي ٺهڻ ڪري پلي جو اڳتي وڃڻ بند ٿي ويو. ڇو ته پلي جي فطرت آهي ته اهو پاڻيءَ جي وهڪري جي ابتڙ سفر ڪندو آهي ۽ گوڙ يا ڪا به رنڊڪ وغيره ڏسي واپس هليو ويندو آهي.
ذريعو؛ وڪيپيڊيا ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
تازو انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي ڇوڙ کانپوءِ ٺٽي ۾ سنڌؤَ جي ھيءَ سوکڙي پلو پهچي ويو آهي!!