ڊاماهو ٻوٽي سرطان(ڪينسر) جهڙو مرض ڇڏائي ٿي

ڊاماهو ٻوٽي سرطان(ڪينسر) جهڙو مرض ڇڏائي ٿي
هن ٻوٽي کي گجراتي ۾ دهماسو، سنسڪرت ۾ جواسا، سنڌي ۾ ڊاماهو انگريزي ۾ فوگونيا ايري بڪا Fogonia arabica چئبو آھي، هن ٻوٽي ۾ ڪنڊا پڻ ٿيندا آھن، ڪانڊيري جهڙو به چئي سگهجي ٿو پر ڪانڊيرو ٿورو قد ۾ وڏو ٿيندو آھي ته ڊاماهو ڇٽو پڻ ھڻندو آھي، هن جا گل اڇا ٿيندا آھن.
ذائقو : ڪوڙو
مزاج: سرد ۽ خشڪ درجي پهرين ۾ ،گرمي ٿڌ ۾ معتدل.
خوراڪ: 3 کان 5 ماسن تائين.
پيدائش جاء: دريائن جي ڪنارن ۽ ريتي بجري وارن پٽ واري زمين ۾ پڻ ججهي انداز ۾ ٿئي ٿو، ڊاماهو جو ٻج ڇڻڻ ڪري ريتي ۾ ملي وڃي ٿو، جڏهن ريتي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿئي ٿي ته ٻج به ان سان شامل رهي ٿو، مون رستن جي ڪنارن سان ڊاماهو جام ڏٺو آھي، ان ڪري جو روڊ ٺاهڻ ڪري ريتي ٽرڪن ذريعي پهتي ان سان هن ٻج جي هجرت ٿي ته ماحول آبهوا ۽ موسم ملي ته ڊاماهو ٻوٽو ڦٽي پيو، اهو مون کي تجربو به آھي ته استعمال به ڪيو آھي۔ڊاماهو کي بخار، معدي،جگر يا چمڙي جي بيماري ختم ڪرڻ لاء تولو کن کڻي ان کي رات جو ٽي پاء پاڻي ۾ پسائي رکو صبح جو پاڻي کي ڇاڻي اڌ نيرانو پئو ۽ اڌ بچيل پاڻي شام جو پي ڇڏيو ائين مهينو کن استعمال ڪرڻ سان بيماري ڇڏي ويندي.
فائدا:
بخار ، معدي ۽ جگر(جيري) لاء وڏو فائديمند، رت (خون) کي صاف ڪرڻ جي خاصيت، چمڙي جي بيماري، جسم تي ڦٽ ڦرڙي لاء ھڪ ٽڪ ڇو ته مصفا خون آھي. اڃ کي گهٽائي ٿي، هن جا پن ليمن جي عرق سان ملائي وارن تي مکڻ سان وار ڪارا ٿيندا.
مک فائدو:
سرطان(ڪينسر) جي مريض کي گهرجي ته ڊاماهو ڪافي تعداد ۾هٿ ڪري اٽڪل ڏھ ڪلو کن هجي ، پهرين ته ويھ گرام کن رات جو پاڻي ۾ ڀڄائي رکي صبح جو اٿي ڇاڻي اهو پاڻي هر روز پيئندو رهي، اٽڪل ڇھ مهينا کن ڪري، وري ٻئي نموني 30. 40 گرام ڊاماهو جا پاڻي اڌ ڪلو کن ۾ پسائي رکي، اهو پاڻي ڇاڻي، ان پاڻي ۾ اٽو ڳوهي ماني پچائي جيڪو اها ماني هر روز ساڳئي نموني تيار ٿيل کائيندو رهي،يعني ڊاماهو جي عرق نڪتل پاڻي مان اٽو ڳوهڻو آھي ۔ٻيو آخري طريقو 100 سؤ گرام ڊاماهو جا کڻي 20 ڪلو کن پاڻي هجي ان ۾ وجهي ان پاڻي کي ڪاڙھجي ، جڏهن ٽھڪي ته لاهي ڇاڻي رکو، ٺري ته مريض ان پاڻي سان هڪ دفعو هر روز ائين ڪندو ته ڪينسر جهڙو مرض رفع دفع ٿي ويندو.
ڊاماهو سولائي سان هٿ اچي سگهي ٿو نه ته مجبوري ۾ ڪجھ ڏينهن لاء پنساري جي دڪان تان پڻ سولائي سان ملي سگهي ٿو پر کيسي کي کولڻو پوندو.
هي مواد خاص طرح حڪيمن جي ڇانو ۾ ويهڻ، صوفي فقير مهتاب جلالاڻي ، انٽرنيٽ ۽ ڪتاب المفردات تان ڪجھ مواد هٿ ڪيم جيڪو مونکي استاد علي بخش ابڙي ڏنو هو، علي بخش ابڙو بزرگ عبدالحميد جيلاني ملتاني، قاضي عبدالڪريم لالو رائنڪ وارو، قاضي محمد صالح چاڪر ڪوٽي، حڪيم پير معين الدين کنيارين واري جو شاگرد رهيو،جنهن کان ڪجھ فيض پرايم پر اسان کان ڪم گهڻو آ، هي مفت جو نسخو آھي،ڪروڙن جو فائدو آھي، خدا تي ڀروسو ڪري استعمال ڪريو.
دعائن جو طلبگار
جي ايم پنهور´وريام سنڌي` دادو
.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *