حضرت جُنگ پير اولياء ﷲ جنهن جي نالي سان جنگشاهي شهر ريلوي اسٽيشن سڏجي ٿي

حضرت جُنگ پير اولياء ﷲ جنهن جي نالي سان جنگشاهي شهر ريلوي اسٽيشن سڏجي ٿي.

حضرت جُنگ پير اولياء ﷲ جي درگاھ شريف جي سنڀال ڪندڙ ۽ درگاھ شريف ۾ ڏيئو ٻاريندڙ خليفا سڏجن ٿا جيڪي ڀنڊ سڏجن ٿا.. چوڻي آهي ته جنهن کي جنگ پير پنهجي هجن جو اشارو ڏنو هو اهو ڀنڊ هو….. ڀنڊ مناري وارا خليفا به سڏجن جيڪي جنگ پير جي ويجهو ويٺل آهن.. جنگشاھي يوسي جي ڳوٺ ساجن جوکيو ۾ ويٺل ٻه جنگ پير جا خليفا سڏجن ٿا…
**جنگشاھي ۾ تاريخي قبرستان به آهن.جتي چوڪنڊي جي قبرن سان مشابهت رکندڙ تاريخي قبرن جهڙيون آڳاٽيون قبرون به موجود آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين سالم صورت ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڪجھ وقت اڳ جُنگ پير اولياء ﷲ جي مقبري جي اندر هڪ قبر به ظاهر ٿي آهي جيڪا سندس امڙ جي حوالي سان منسوب ڪئي وئي آهي..! جيڪا مقبري اندر اولھ طرف آهي، مقبري اندر هڪ ٻي قبر به آهي جيڪا حضرت جنگ پير بزرگ جي مامي جي چئي وڃي ٿي، ڏند ڪٿا آهي ته جُنگ پير اولياء ﷲ کي سندس مامي شهيد ڪيو هو، ۽ جنگ پير جي شهادت گاھ شهادت جو اهو مقام هنڌ موجوده درگاھ شريف کان ڪجھ مفاصلي تي اولھ طرف هڪ ٽڪريءَ تي موجود آهي، جنهن کي مناري جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، گهڻو عرصو اڳ درگاھ شريف سان عقيدت رکندڙن جي شادي ٿيندي هئي ته گهوٽ ۽ ڪنوار ان مناري جي حاضري لازمي ڏيندا هئا، هاڻي اها حاضري گهڻي ڀاڱي بند آهي، جُنگ پير اولياء ﷲ جو تاريخي قبرستان وسيع آهي، جوکين جي مختلف ڳوٺن جي ميتن لاءِ قبرستان پاسا درگاھ شريف چوطرف مختص ٿيل آهن، هتي پاڻي جو ڪوبه جوڳو بندوبست ناهي ٿيل،،، جُنگ پير اولياء ﷲ جي هر اسلامي تاريخ 13 جي شام 14 جي مغرب نماز کان پوءِ چوڏهين خليفن ۽ عقيدتمندن طرفان ملهائي ويندي آهي…
       ** جُنگ پير اولياء ﷲ رحمت ﷲ عليه جي سالياني عرس مبارڪ جي اسلامي مهيني ربيع الثاني جي 13 تاريخ شام 14 جي رات تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري برسات وس جي مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي. جيڪا عرس مبارڪ جي واري مناري جي خليفن جو ۽ ٻئي ڀيري سال جنگشاهيءَ جي خليفن جي هوندي آهي جيڪي جنگشاهي شهر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ ساجن جوکيو ۾ ويٺل خليفن جي طرفان هوندي آهي، ماهوار چوڏهين شريف ۾ مقامي عالم سڳورا ۽ نعت خوان شريڪ ٿي روحاني محفل جو انعقاد ڪندا آهن، خصوصي خطاب جنگشاهي جامع مسجد جي پيش امام ۽ خطيب الحاج مولانا فضل الله جن جو هوندو آهي… محفل جو بندوبست ڪرڻ وارن ۾ جنگشاهي ڪوهستان 7 ڀاڱي 4 جو سماجي اڳواڻ ڪامريڊ شفيق جوکيو اڳڀرو هوندو آهي…. روحاني محفل رات دير تائين هلندي آهي…. لنگر شريف جو به بندوبست ڪيو ويندو آهي… جُنگ پير اولياء ﷲ رحمت ﷲ عليه جي خاڪ جي داڻي ۾ پيل نذراني جو ڪو حساب ڪتاب ناهي… درگاھ شريف تي ڪميٽي جو ڪو وجود ناهي… جُنگ پير اولياء ﷲ رحمت ﷲ عليه جو وسيع ميدان آهي، هن ڪوهستان 7ڀاڱي4 ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ لڳي رهيون آهن… قبرستان جي زمين اڳتي هلي تنگ ٿي سگھي ٿي ان ڪري قبرستان جي زمين جي حد مقرر ٿيڻ گهرجي. درگاھ شريف جيڪي عقيدت مند درگاھ شريف جي سامهون ٺهيل جاين جڳهين ۾ ڏها ۽ چاليها ويهن ٿا انهن لاءِ واش روم جي سھولت ناهي ان ڪري قبرن جي بي حرمتي جي خدشي کي رد نٿو ڪري سگهجي.
**جنگشاھي شهر جي اولھ طرف هڪ وڏو برساتي نالو به آهي جنهن جي وچ ۾ ريلوي جي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ ريلوي پل آهي، ان پل تان ريل گاڏيون گذري سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن وينديون آهن ان برساتي جي ڪناري تي جنگشاهي واسين لاءِ بٺيءَ جي مٿان عيد گاھ آهي، هن برساتي نالي ۾ جبلن کان برسات جو پاڻي وهي ايندو آهي…. اهو پاڻي مختلف ڳوٺن کان گذري وڃي گهاري واري نيشنل هاءِ وي پل وٽ سمنڊ جي ڇنڊڻ ۾ پوندو آهي هاڻي ڪجھ پلن ۽ نئي جي پيٽ سان هٿ چراند جي ڪري اهو پاڻي چوٿين ميل ۽ ڪاري موري واري پل پراڻي ۽ نئين ٺهيل پل تائين موٽ کائي اچي، تازين 2022 وارين برساتين جي گهڻائي ڪري جبلن جي پاڻيءَ ڪاري موري واري پل نئي پل کي ڳنڍيندڙ روڊ کي پل کان ڀڃي ڇڏيو آهي جنهن ڪري ڪاري موري واري نئي پل سخت متاثر ٿي ۽ جنگشاهي واسين جي آمدرفت لاءِ ڪجھ مهينن کان بند پيل هئي جيڪا 3 مهينن کان پوءِ کولي ويئي … پراڻي پل تان گذرن ڪنهن به خطري کان خالي نه هو پل جي مرمت لاءِ جنگشاهي جي سماجي ورڪرن پاران سوشل ميڊيا تي ڀرپور نموني سان تحريڪ هلائي ويئي جنهن بعد ٺٽي جي سينيئر صحافين پل تي پهچي پل جو جائزو ورتو ۽ جنگشاهيءَ جي سماجي ورڪرن کان پل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سيشن ڪورٽ جي وڪيل ادي راڻي امجد پليجو ۽ غلام سرور پليجو صاحب سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي جنهن تي سول جج سول ڪورٽ ٺٽو نوٽيس وٺي پل جي ٺيڪيدار ۽ ضلعي انتظاميا کي ڪورٽ ۾ طلب ڪندي سخت پڇاڻو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته پل تي ٿيندڙ ڪم هفتيوار رپورٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪن جنهن بعد پل جو مرمتي ڪم تيز ڪيو ۽ پل جي پيچنگ ڪئي وئي … هن وقت پل اچ وڃ لاءِ ڪتب هيٺ آهي..
**جنگشاھي ۾ ۽ آسپاس ۾ ڪيترن ئي ولين سڳورن جا ننڍا وڏا مقبرا ۽ مزارون به آهن، انهن بزرگن جي قبرستانن ۾ موجود تاريخي قبرن تحقيق طلب آهن، جنگشاهي جي جامع مسجد سان لڳ عيسب پير موجود آهي، جنهن ۾ هن وقت ميت گهٽ دفن ٿين ٿا…. هن قبرستان ۾ تاريخ جا ڪئي ارڏا جوڌا جوان آرامي آهن،،،، قبرستان کي بائونڊري وال ناهي جنهن ڪري قبرستان جو تقدس پامال ٿي رهيو آهي، اتي اڪثر گٽر جي پاڻيءَ جون شڪايتون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهن ٿيون، غير ضروري وڻن جي مقدار به هر وقت موجود رهي ٿي…. ڪجھ وقت پهرين قبرستان جي گيٽن جو ڪم شروع ڪيو ويو هو جيڪو مڪمل ٿي نه سگهيو….. جنگشاهي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول جي ڀر ۾ قبرستان موجود آهي جيڪو گهڻي ڀاڱي جنگشاهي جي ڳوٺ سبزعلي خان بروهي جي رهواسين جو قبرستان آهي جنهن قبرستان ۾ ڳوٺ سبز علي خان بروهي جا رهواسي پنهنجن پرين پيارن کي مدفن ڪندا آهن … ان قبرستان کي حضرت عثمان شاہ بخاري جو قبرستان چيو ويندو آهي جتي ان اولياء ﷲ جي آخري آرام گاهه به موجود آهي، هن وقت ان قبرستان جي زمين ايراضي تنگ ٿيندي پئي وڃي!!! هي قبرستان نئي جي ڪنڌيءَ تي آهي هن کي بائونڊري وال جي ضرورت آهي…
هن قبرستان کان ٿورو اڳتي هلون ٿا ڳوٺ محمد حسن پليجو جتي به هڪ پراڻو قبرستان پراڙ پير جي نالي سان قائم آهي، جيڪو ڳوٺ حسن پليجو ڳوٺ منگرخان پليجو جا رهواسي مدفن ٿيل آهن هن قبرستان ۾ ڳوٺ محمد حسن پليجو ۾ ويٺل پير به مدفن ٿيل آهن…. پراڙ پير آڳاٽي ۽ عصر حاضر جا شاعر ليکڪ نقاد اديب دانشور مدفن آهن..جنگشاهي جا وڏا شاعر آرامي آهن جن جا نالا اڳتي هلي لکندس…. هن قبرستان ۾ شهيد مھتاب الياس پليجو پاڪ فوج جو بهادر نوجوان سپاهي به ابدي ننڊ ستل آهي، . جيڪو ملڪ جي حفاظت ڪندي شهادت جو جام پيئندي پاڪ آرمي جو ڳاٽ اوچو ڪندي بهشت جي پينگهن ۾ لوڏي رهيو آهي.. شهيد مھتاب الياس پليجو جي نالي سان غلام ﷲ روڊ آرمي پبلڪ اسڪول موجود آهي… پراڙ پير لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ منگر خان پليجي جي پوٽي ايشيا جي برک سياستدان محترم رسول بخش پليجي جي آخري آرام گاهه نئي جي ڪنڌيءَ تي موجود آهي جنهن جي چوڌاري وڏي بائونڊري وال ڏنل آهي. محترم رسول بخش پليجو صاحب عالمي سطح جو ڏاهو هو. جنهن جو والد صاحب سائين علي محمد پليجو صاحب وقت ڪامل ولي سڳورو هو جيڪو هن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ حضرت قبلا سائين محمد حنيف المعروف جنگشاهيءَ واري سائين قلندر ڪبرياء واري کان فيضياب ٿيل… سائين جنگشاهي واري جي آخري آرام گاهه جنگشاهي شهر ٺٽي طرف ويندڙ روڊ تي 4 ڪلوميٽر جي فاصلي تي چاڙهي لڳ جبل تي آهي جتي هڪ ٻيو ﷲ پاڪ جو ولي سڳورو حضرت سائين موليڏنو رحمت الله عليه به آرامي آهي.. سائين جنگشاهيءَ واري جي اڱڻ تي هر جمعي رات محفل سماءَ جي محفل ٿيندي آهي. جتي سنڌ جا ڪيترائي صوفي راڳي صوفياڻي راڳ جي محفل ڪري چڪا آهن… سائين جنگشاهي واري جو ساليانو عرس مبارڪ شعبان المعظم جي آخري تاريخن ۾ ٿيندو آهي.. هن درگاھ جي سار سنڀال فقير اسلم پليجو جي حوالي آهي جيڪو سائين جن جو ظاهري رشتي ۾ ڀائيٽو آهي.. سائين جنگشاهيءَ واري جو روضو مبارڪ حضرت قبلا سائين مرشد مربي ڪريم صوفي سائين اعجاز علي قادري المعروف فيض ڌڻي شهنشاھ جن جي مرشد ڪريم قبلا سائين حضرت سائين سيد شفيع محمد شاھ لڪياري المعروف واڳ ڌڻي شهنشاھ جن پاران تعمير ڪرايو ويو جيڪو ڪم سائين فقير توڏي جي حوالي ڪيو جنهن جي آخري آرام گاهه سائين جن جي در مبارڪ تي آهي. سائين جنگشاهيءَ وارن تي روحاني مهرباني سائين سيد شفيع محمد شاھ لڪياري قد سره ﷲ سره اقدس جي معرفت ٿي جنهن روضو مبارڪ لاڙڪاڻي جي نظر محلي ۾ آهي، سائين جن ساليانو عرس مبارڪ 4 رجب المرجب تي ملهايو ويندو آهي، سائين جن سنڌ جي ڪامل ولي سڳوري سائين حضرت محمد قاسم مشوري المعروف تاج ڌڻي شهنشاھ جن جا مريد هئا. مشوري واري سائين جي آخري آرام گاهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي سائين جي اڱڻ مبارڪ تي 12 ربيع الاول  جي رات عظيم شان ميلاد شريف منعقد ٿيندو آهي. سائين جن پير سائين حضرت سيد امام الدين شاھ راشدي ٺلاءَ شريف وارن کان فيضياب ٿيل هئا… ٺلاءَ وارا سائين پير سائين حضرت قبلا سائين محمد راشد راشدي المعروف روضي ڌڻي شهنشاھ جي اولاد مبارڪ مان آهن…
**جنگشاهي شهر جي پراڻي بس لڳ حضرت صوفي سائين سيد غلام نبي شاھ رحمت الله عليه المعروف حاجي ملنگ بابا خانيوال شريف نقشبندي جن جي جي مزار مقبرو ۽ قبرستان موجود آهي جنهن جو گادي نشين صوفي سيد سڪندر ساليانو عرس 14 جمادي الاول تي سندس آخري آرام گاهه تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي، جنهن قبرستان ۾ جنگشاهي شهر ۾ رهندڙ پنهنجن پيارن کي مدفن ڪندا آهن. صوفي سائين ٽيليفون کاتي ۾ ملازم هو جيڪو خانيوال شريف جو هو، هتي سرڪاري نوڪري ڪندو هو ڊيوٽي دوران ٿنڀي تان ڪري زخمي ٿي پيو هو ڪراچي اسپتال ۾ کڻائي ويس جتي لاڏاڻو ڪري ويو هڪ حيرت جهڙي ڳالھ ٻڌي آهي ته صوفي سائين جو جسم ساڪن ٿي ويو هو پر ڊاڪٽر چڪاس ڪري چيو ته بزرگ جي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز بند ناهي ٿيو، جنهن کي کڻي ويندڙن چيو ته هي شخص ﷲ پاڪ جو ذڪر شريف ڪندڙ هو ان ڪري هن جي دل جي ڌڙڪن بند نه ٿيندي ڊاڪٽر فوتي سرٽيفڪيٽ ۾ به دل زنده لکي جسد خاڪي حوالي ڪيو ويو، صوفي سائين جي وصيت جي مطابق کيس جنگشاھي ۾ آرامي ڪيو ويو جتي سندس ساليانو عرس مبارڪ به ملهايو ويندو آهي. صوفي سائين لاءِ چيو ويندو آهي ته تدفين بعد سندس قبر شريف رات جي وقت ذڪر الاهي جي تنوار ايندي هئي…. صوفي سائين قبرستان ۾ جنگشاهي شهر سان تعلق رکندڙ مختلف ذاتين جا ماڻهو مدفن ٿيل آهن. هتي جنگشاهي جامع مسجد جو بنياد وجهندڙ حضرت سائين الحاج حاجي عبدالله شاهي موجود پيش امام جامع مسجد جنگشاهي سائين علامہ محمد فضل ﷲ صاحب جو والد صاحب به آرامي آهي.
**جنگشاهيءَ جا پٽ شاندار هوادار آهن، جيڪي قدرتي معدنيات سان ڀريل ڀرپور آهن…. هتي جي موسم دل کي سڪون ڏيندڙ آهي خاص طور جنگشاهيءَ جي شام ۽ رات وڻندڙ آهي … برساتن جي موسم جڏهن ساوا گاھ مور ڪندا آهن ته هر طرف سائي رنگ جا نظارا هوندا آهن… مالوند مارو ماڻهو مال ڪاهي جبل تي اچي پنهنجا ٿاڪ ڪندا آهن، وٿاڻ وسائيندا آهن… ويران پيل پٽ آباد ٿي ويندا آهن. رات جي سانت واري ماحول ۾ ڊگرن ۽ ٽلين جا واڄٽ ڪنن کي وڻندا آهن. کير لسيون ۽ مکڻ جام ٿيندا آهن.
**جنگشاهيءَ جو ڪوهستان وارو جابلو علائقو وڏن جبلن جي قطارن ۽ اوچائي وارن شاندار جبلن ۽ بُٺين جي ڪري سونهن ڀريو نظر ايندو آهي…جن ۾ ڪارو جبل تاريخ رکي ٿو. جتي پاڪستان جي تاريخ جو پهريون هوائي ڪريش.. مسافر جهاز ڪري تباھ ٿيو… 1952 ۾ اهو ايئر ڪريش ٿيو هو جنهن م فوجي ۽سول مسافر ۽ آفيسر سياستدان واپاري ۽ عالمي سطح جا ليڊر شامل هئا جيڪي اجل جو شڪار ٿي ويا هئا جن ۾غير ملڪي به شامل هئا، لبنان جو ويڙهاڪ ليڊر به شامل جيڪو پڻ موت جو کاڄ بڻجي ويو…. اهو واقعو ڪاري جبل لڳ مالماڙي جي چوٽيءَ تي پيش ايو…ڪاري جبل جي چوٽي تي انهن فوت ٿي ويلن جون آخري آرام گاهون موجود آهن جن جون ڊاڪيومينٽري فلمون اليڪٽرونڪ ميڊيا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪيون آهن، مالماڙي جي پٽن تي جنم وٺندڙن ۽ سندن پٽن نياڻين ڪاري جبل ۽ ڪوهستان جي پٽن تي ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ تحقيق پڻ ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهن… ڪارو جبل سمنڊ جي سطح 6 هزار فٽ مٿي اهر.. ڪارو جبل برسات جي وسڪاري کانپوءِ سائي چادر سان ڍڪجي ويندو آهي جيڪو نظارو دلربا ۽ دلفريب هوندو…. ڪاري جبل کان علاوه سڄو ڪوهستان سون ورنو آهي جتي جي جبلن جو پٿر ملڪان ملڪ مشهور آهي.. هتي جي جبلن مان نڪرندڙ ٻيون معدنياتي شيون لاتعداد ۽ بي مثال آهن ڪوهستان سڄو سون آهي ڪوهستان جي نيئن جي ريتي بجري هيرن کان وڌيڪ قيمتي آهي… هتي جي کليل ميدانن جي کليل آبهوا صحت بخش ۽ توانائي بحران ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن جي راھ تي گامزن آهي….. ڪوهستان شڪار جي حوالي سان ڏيھ توڻي پرڏيهه ۾ مشهور آهي هتي عارضي ۽ مستقل شڪار گاهون قائم اهن…. هتي عرب سڳورن جي ڪيمپ سالن کان قائم آهي…. هتي مختلف جانورن جو شڪار ٿيندو آهي پر تلور جو شڪار گهڻي شهرت رکي ٿو جيڪو شڪار حڪومتي منظوري بعد ٿئي ٿو… مقامي رهواسي شڪار ڪن ٿا ۽ ٻاهرين آيلن شڪار جي شوقينن سان ٻانهن ٻيلي رهن ٿا….. ڪوهستان بهترين شڪار آهي!!!!! هي چار سٽون ڪوهستان جو ڪنهن به طرح سان تعارف ناهن ان ڪتاب دفتر لکجي چڪا آهن ۽ لکجن پيا انهن سمورن لکڻين ۾ ڪيتري سچائي آهي ڪيتري ٻه اکيائي اها پڙهڻ وارن کي خبر هوندي ته لکڻ واري ڇا لکيو آهي…
**جنگشاهي ڪوهستان علمي ادبي ماڳ به رهيو آهي ۽ هن وقت به هنن پٽن تي ڪيترائي ڏات جا ڏيئا ٻري رهيا آهن جن جي علم جي روشني ملڪ توڻي پرڏيهه ۾ رهندڙ تائين پهچي رهي آهي، ھر دور ۾ جنگشاهي ڪوهستان جي پٽن وڏا وڏا اڪابر پيدا ٿيندا رهيا آهن….ليکڪن شاعرن جي هڪ وڏو تعداد هتي جنم وٺي چڪو آهي هتي جا ڄاوا وڏن عهدن تي فائز رهيا ۽ آهن…جيڪي ڏيھ توڻي پرڏيهه ۾ رهن ٿا. ڪوهستان جنگشاهي علم ادب سان گڏوگڏ آفيسري سطح تي به وڏي تاريخ رکي ٿو. جيڪي اعليٰ عهدن تي فائز رهيا ۽ هن وقت به مليل ذميواريون نڀائي رهيا آهن. جن ۾ فوجي ۽ سول سروس سان وابسطہ شخص موجود آهن…..
**هتي شيش محل  به هو جيڪو هن وقت ڦٽل حالت ۾ آهي، جنهن کي چوڌاري وڏي ديوار لڳل، هن مذڪوره پراپرٽي جنگشاهي جي معزز شخصيت جي ٻڌائي پئي وڃي، جنگشاهي جي موجوده شهر کان ڏکڻ طرف هاليجي ڍنڍ طرف ويندڙ رستي تي ماضيءَ واري دور هتي هوائي اڏو به جوڙيو ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي جيڪو 1945 جنگي جهازن جي استعمال هيٺ به رهيو، هتي تاريخي ڍنڍ هاليجي آهي جيڪا فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ قائم ڪئي وئي، هن ڍنڍ ۾ ديو مڇي جو ٻجو به جنرل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ هاليجي ڍنڍ ۾ وڌو آهي، هاليجي ڍنڍ شاندار خوبصورت هوادار ننڍا وڏا بنگلا ٺهيل آهن، هاليجي ڍنڍ تي هڪ پارڪ به آهي جنهن کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن، هاليجي ڍنڍ کان علاوه هتي هڏيرو ڍنڍ به آهي، جن کي بھترين تفريح گاھ بڻائي سگهجي ٿو، هڏيرو ڍنڍ جيڪا جنگشاهي ۽ ٺٽي روڊ تي ڪي ڊي اي نالي چاڙهي بس اسٽاپ جي اتر طرف موجود آڳاٽي ڍنڍ آهي. هڏيرو ڍنڍ جي مڇي جا ڪيترائي قسم آهن جيڪي مڇيون هاليجي ڍنڍ ۽ ڪينجهر ڍنڍ جيان لذيذ آهن.
**هاليجي ڍنڍ نيشنل هاءِ وي جي ويجهو به آهي. جتي بهترين نوان پراڻا بنگلا هوادار ۽ ٿڌڙا آهن. هاليجي ڍنڍ جي مڇي جو ذائقو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنگشاهي واسين کي هاليجي ڍنڍ مان پاڻي به ملندو هو هن وقت واڳوئن جي ور چڙهيل آهي. 2014 ۾ تيز طوفاني هوائن ڪري هاليجي ڍنڍ کان جنگشاهيءَ جي واٽر سپلائي اسڪيم تائين ايندڙ بجليءَ جا پول سخت متاثر ٿيا جن مان ڪيترائي بجليءَ جا پول جيڪي لوهي هئا سي پٽ پئجي ويا… جن جي مالڪي نه ٿي سگهي ۽ ڪي اداري وارا کڻي ويا ڪي لوٺين جي ور چڙهي ويا. مال مفت دل بي رحم واري ڪار ٿي وئي، انهن پولن جي تباہ ٿيڻ جي نتيجي ۾ جنگشاهي جو عوام پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ محتاج ٿي ويو… ۽ ٽينڪر جي ڪي ڊي اي نالي تان پاڻيءَ جي ويڪري جو ڪاٻار شروع ٿي ويو، ٽينڪرن جي اچ وڃ جي ڪري ڪاري موري واري پل پراڻي سخت متاثر ٿي وئي… جنگشاهيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو جيڪو شدت اختيار ڪري ويو… جنگشاهيءَ جو عوام پاڻي جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي پئي. پاڻيءَ جي کوٽ تي مون سميت جنگشاهيءَ جي سماجي ورڪرن پاران سوشل ميڊيا تي ۽ جنگشاهي ٺٽي جي مختلف فورمن وڏي واويلا ڪئي وئي، جنهن بعد 2018 ۾ ڪي ڊي اي نالي کان جنگشاهيءَ جي واٽر سپلائي تائين پائيپ لائين آندي وئي، جنهن جو ٺيڪو جنگشاهي واسي ٺيڪيدار کي ڏنو… جنهن اسڪيم جو ڪم اهڙو ڪرايو جو اڄ ڏينهن تائين جنگشاهي واسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن…. هن وقت هڪ ٻي واٽر سپلائي جي اسڪيم جنگشاهي جي 6 ڳوٺن لاء ڏني وئي آهي جنهن جو ڪم 4 سالن ۾ به پورو ناهي ٿي سگهيو. جنگشاهيءَ جي عوام کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت آهي.
**جنگشاهي مست هوائن جو علائقو آهي جتي ريلوي اسٽيشن تي هڪ ٻه ماڙ آهي…. جتي اونهاري جي موڪلن ۾ ماضيءَ ٻين علائقن مان ماڻهن اچي اونهاري جي اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ جي موسم ۾ مهندڙي جهڙي رنگن جي سج جي لهڻ کان پوءِ جي دلبري منظر به ڏٺا هوندا ۽ ڏسي سگهجن ٿا…جنگشاهي جي ريلوي اسٽيشن تي انڊر گرائونڊ گذر گاھ به آهي، جيڪا پاڪستان واحد گذر گاھ آهي. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي تقريبن هر ٻي ريل گاڏي اسٽاپ ڪندي هئي، هن ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم وسيع ۽ هوادار آهي، جڏهن جنگشاهي شهر ۾ واٽر سپلائي جو جوڳو بندوبست نه هوندو هو ته ريلوي اسٽيشن تي پاڻيءَ جي ٽانڪي ٺهيل هوندي هئي جتان ڪيترائي ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري ويندا هئا، شام جي وقت جنگشاهي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا رهواسي ريلوي پليٽ فارم تي شام جي وقت اچي ٿڌڙين هوائن مان لطف اندوز ٿيندا هئا اڄ به ڪجھ رهواسي ان روايت کي برقرار رکيو پيا اچن هن وقت هن تاريخي ريلوي اسٽيشن تان ريل گاڏيون ته گذرن ٿيون پر اهي بيهن نٿيون ويٺل ماڻهو انهن گاڏين کي ڏسندا رهڻ ٿا ريل گاڏين جي تيز رفتاري سبب ٿيندڙ گوڙ سندن سماعتن سان ڪجھ ٽڪرائجي ٿو وري هڪ ڊگهي خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ريلوي اسٽيشن تي ڊرائيورن ۽ ٻين آفيسرن جي آرام لاءِ بهترين ڪشاده ۽ هوادار ڪمرا جڙيل آهن…. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي خودڪار ريلوي ٽريڪ سسٽم لڳل ۽ سئو سال پراڻو پائيدار ۽ خوبصورت فرنيچر 27 ڊسمبر 2007 تي ٿيل عظيم سانحي جي ردعمل جي نظر چڙهي ويو جنهن دنيا مڃيل ليڊر دختر ايشيا محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي شهيد ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ وڏي خونريزي جهلائو گهرائو ٿيو اتي جنگشاهي ريلوي اسٽيشن کي به باھ ڏيئي ساڙهي تباھ ڪيو ويو ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جون رونقون بحال نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه وري هتي هاڻي ماضيءَ جيتريون ريل گاڏيون بيهن ٿيون.
** جنگشاهيءَ جي ريلوي اسٽيشن جون رونقون جڏهن بحال هونديون هيون ته جوکين ۽ پليجن جا لسي پڪل ۽ ڪچي مڇي وڪڻڻ جا هوڪا ھوا گونجڻ به جنگشاهي واسين کي ياد هوند…ڪاڪا نٿو ريل گاڏي ۾ ڀڳڙا ريوڙيون کٽمٺڙا اڇي پلاسٽڪ ۾ کپائي گهر جو گاڏو هلائيندو هو…. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي چاچا تماچي لسي وارو لسي وڪڻي گذر ڪندو هو….. ايشيا جي ڏاهي محترم رسول بخش پليجي صاحب چيو هو اسان به جنگشاهي ريلوي اسٽيشن تي لسي کپائي….. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن سان لڳ ڳوٺ سبزعلي خان بروهي جا پٿر ٽُڪڻ جا ڪاريگر جيڪي جنگشاهي ڪوهستان جي سون ورن جبلن مان ناياب پٿر ڪڍي انهن مان آٽي جون وڏيون چڪيون جهنڊ اکرا اکريون سل پٽا ۽ ٻيون پٿر مان جڏهن ٺاهڻ لاءِ هٿوڙن هٿوڙين کي ڇڻين تي هلڪي ۽ تيز سان پنهنجي ڪاريگري سان تراشڻ لاءِ ھڻندا هئا ته انهن ڇڻين ۽ ھٿوڙين جي ميلاپ سان جيڪو مَڌر آواز صبح جي پھر ۾ جنگشاهيءَ جي فضا ۾ گونجندو هو ڄڻ ته انهن محنت ڪشن محنت سان سماعتن جو وضو ٿي ويندو هو…. انهن ڪاريگرن جا تيار ڪيل تراشيل پٿر جا شاهڪار ناياب نادر روز مرهه جي استعمال ۾ ايندڙ اکرا اکريون سل پٽا ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشهور هئا هن فن ڪاريگري جي سهائتا نه ڪري اھو هنر هن وقت پوين پساهن ۾ آهي…. هن ڪم جا ڪيترائي بهترين ڪاريگر بک بدحالي ۽ مختلف بيمارين جي ور چڙهي وڃي ابدي ننڊ سمهي رهيا….. هن وقت باقي ڪي وڃي بچيا آهن….
**جنگشاهي شهر ۾ حاجي غلام نبي قريشي جي بالو شاهي، بوندي مٺائي، صبح جو ناشتو سيرو پوري، جهنڊائي جوکئي جي هوٽل جا تريل ديا مڇي، حاجي محمد يوسف جاکري جا ۽ چاچا اسلم قريشي جي بيڪري جا تازا بسڪوٽ، نصر ﷲ ڪلو، صيان ۽ شفيع محمد جوکئي جا پان، حاجي بروهي جا پڪوڙا، جبل جي جوکين جو لسيون مکڻ ، ڪاڪا گودو ۽ ڪاڪي جمعي جي مڇي وڪڻڻ جا منظر ڪڏهن وسري سگهن ٿا؟
**جنگشاهي شهر ۾ ڪاڪا لالو بروهي جي حجامڪي ڪاريگري….جبل چيري ڦاڙي چڪيون جهنڊ اکرا سلپٽا ٺاهيندڙن جون هٿوڙي جڏهن ڇڻين تي لڳنديون هيون ته انهن جا ڇڻڙاٽ به سماعتن جو ڄڻ مدرتا ڀريو وضو ڪرائي ڇڏينديون هيون ….!وڏيون چڪيون اٽي پيسڻ جي مشينن ۾ ڪتب اينديون هيون. ننڍا جهنڊ اکرا اکريون سلپٽا گهرن ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا. ڪاڪا ڄمون جي مٽن جي ٿانون جو دڪان به پنهنجو مٽ پاڻ هو..
**جنگشاهي شهر ۾ جتي ٻيا ننڍا وڏا دڪان هئا اتي هڪ شاندار ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور پليجا برادرز جو جو هو جيڪو پهرين ادا مهر علي پليجو صاحب هلائيندو…. ﷲ پاڪ ادا مهر علي پليجي صاحب کي جنت الفردوس عطا فرمائي آمين…. اهو ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور پيارو دوست نياز احمد پليجو ۽ عبدالغفار پنهون پليجو هلائيندا هئا… پنهون منهنجو پيارو دوست آهي… آئون آئون ان وقت جنگشاهي شهر ۾ ڪپڙا استري ڪندو هئس رات جو دڪان بند ڪري پنهون سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ويندو هئس…. هن وقت منهنجا ٻئي دوست جيڪي ٻئي ڀائر آهن گلشن حديد ۾ رهن ٿا. مون سان فون تي هڪ ڀيرو سنڌي الفابيٽ کي موبائيل ۾ متعارف ڪرائڻ واري شخص علي حسن ملاح رابطو ڪيو هو جنهن پنهور جو مون کان پڇيو هو….
**جنگشاهي جي شهر ۾ ٻه ڪپڙا استري ڪرڻ جا دڪان هئا جيڪي مشهور استري وارا سڏبا هئا…. هڪ لونگ خان جاکرو ۽ ٻيو جوکين جو دڪان هو جيڪو پهرين عبدالرحيم جوکيو ۽ رحمت خان هلائيندا هئا…..
* *جنگشاھي ۾ چانھ جي هوٽل مشهور هوندي هئي جيڪا حاجي صحالين ۽ حاجي عبدالمالڪ عرف حاجي ڪاليا هلائيندا هئا.
**راشنن جا دڪان به جنگشاهي جي شهر جي زينت هوندا هئا.. سيٺ بولو سيٺ درمون سيٺ ليکو، چاچا عبدالڪريم پليجو، حاجي محمد پليجو حاجي احمد پليجو، چاچا رانا شفيع محمد، حاجي نبي بخش جوکيو ۽ محبوب خواجه ٻين جا راشن جا دڪان مشهور هئا….
**جنگشاھي جي شهر هر روز تازو گوشت ملندو هو…. چاچا محمد الرحیم، چاچا عبدالرحيم ۽ چاچا شفيع محمد جا گوشت جا دڪان مشهور هئا.
** جنگشاهي ٿاڻي جي ڀر سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس جتي صبح جو پهريون پيرڊ قرآن شريف جو هوندو هو، سائين محمد عارب سائين عبدالحڪيم ۽ سائين ابراهيم شاگردن کي قرآن شريف ورهائيندا هئا…. جيڪي ٽئي جوکيا قبيلي جا هئا….. منهنجو پرائمري ۾ استاد سائين محمد مريد پليجو صاحب هيو… سائين جي لکائي بهترين هئي.
**جنگشاهي شهر پيرن جي هوٽل جو نالو هو….. جيڪا بعد ۾ چاچا بشير مغل صاحب هلائي……
**جنگشاھي شهر ۾ استاد اسحاق جاکرو ۽ استاد احمد جوکيو ريڊيو ٺاهڻ جا ماهر هوندا هئا…..
**جنگشاهي شهر ۾ استاد محمد جمن جاکرو استاد جمڙو جو بهترين درزي هو….. باقي گهڻي ڀاڱي سندس شاگرد هئا…..
**جنگشاهيءَ جي بٺين ۾ حاجي نظير بارود واري جي بارود جي ڌماڪن 3 گونج هوندي هئي …..
**جنگشاهيءَ جا راشن جا دڪان به شاندار رهيا جن تي ويٺل سيٺ پيا سونهن پکيڙيندڙ سفير لڳندا هئا….
**حاجي طاهر خاصخيلي جي ڏنل آزان ڏينهن خاص طور تي رات جي فزا کي سريلو بڻائي ڇڏيندي هئي…
**جنگشاهي جي جامع مسجد جو جو پيش امام علامه مولانا حضرت حاجي عبدالله ملٻاري رحمت الله عليه جڏهن گهر کان مسجد طرف ويندو هو ته سندس پويان قطار نمازين جي مسجد ۾ داخل ٿيندي هئي…..
**جنگشاهي شهر ۾ هندن جي ڌرم سالي جو جنهن به جوڀن ڏٺو هوندو اهو به انهن کان ڪين وسريون هونديون ….
**جنگشاهي شهر ۾ حضرت قبلا سائين محمد حنيف قلندر ڪبريا جي پرمستين ڪرامتن کان به واقف هوندا…. رجو جوکيو جي چانھ جي هوٽل جي سامهون ڌرم سالي ڀر ۾ محبتين ۽ عقيدتمندن جا ميڙا به جنگشاهي واسين جي ياد آهن… جنگشاهيءَ واري سائين جي آخري آرام گاهه جنگشاهي ٺٽي روڊ تي چوٿين ميل تي موجود آهي جتي هر جمعي جي رات صوفي راڳ جي محفل رچائي ويندي آهي.
**جنگشاهيءَ جي ماضيءَ جي شام  مهل وري راندين جا ميدان سجهي ويندا هئا…. گهڻي ڀاڱي فٽبال ۽ والي بال جي راند هوندي هئي، جن راندين ۾ بروهي بلوچ اڳ ڀرا هوندا هئا… قريشي، جوکيا، پليجا ۽ جنگشاهيءَ جا هندو به برابري جي بنياد راندين شامل هوندا هئا…..
**جنگشاهي جي ميگهواڙن ۽ ڪوڪڙين جا مذهبي تهوار به آزادي سان ملهايا ويندا هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين جاري آهن…. جنگشاهي شهر ۾ هي موچڪو ۽ درزڪو ڪم ڪن پيا نسل در نسل….
**صحت تندرستي جي حوالي سان آڳاٽي دور ڊاڪٽر عبد ﷲ، پوء ڊاڪٽر صغير احمد، ڊاڪٽر ڄام محمد حنيف ۽ ڊاڪٽر عبدالشڪور جوکيو ننڍين بيمارين جو علاج بهتر نموني ڪندا هئا…. ڳچ وقت کان پوءِ ٿر سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ سول اسپتال ٺٽي ۾ آيو جنهن اچي جنگشاهي ۾ خانگي اسپتال کولي ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ آهي… جيڪا اسپتال اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر محمد بقا راٺوڙ هلائي رهيو آهي. جنگشاهيءَ جي عوام کي صحت جي سھولت لاءِ بنيادي صحت مرڪز مليو جنهن ۾ خوش اخلاق خوبصورت ڊاڪٽر سائين سيد طارق شاھ صاحب انچارج ٿي جنهن پنهنجي سڄي سروس جنگشاهي ۾ ڪڍي بنيادي صحت مرڪز کي ڳوٺاڻي صحت مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو…. جيڪا 14 بسترن تي مشتمل آهي… هن وقت مرف جي حوالي آهي…. جنگشاهيءَ ۾ ويم گهر به ماضيءَ ۾ هلندو هو جنهن جي انچارج ڊاڪٽر انجم هوندي هئي….. هي ويم گهر سوشل ويلفيئر فنڊ مان هلندو هو…..
**ڊاڪٽر صغير جي اسپتال ۾ بعد ۾ سلائي جو سيٽر هلندو جنهن کي فنڊ به سوشل ويلفيئر کاتي طرفان ڏنو ويندو هو.
**تعليم جي ميدان ۾ جنگشاهيءَ جا اسڪول اڳ ڀڙا هوندا…. جنگشاهيءَ ۾ جنگشاهيءَ جي ٻارن سان گڏوگڏ مالماڙي جا ڇوڪرا به جنگشاهي ۾ پڙهندا هئا… هاء اسڪول جي آڱر ۾ هڪ شاندار هاسٽل هوندي شاگردن جي رهڻ لاءِ جيڪا هن وقت پٽ تي موجود ئي ناهي…. اتي لائبريري جو بنياد پيل آهي…. جڏهن ته ماضيءَ ۾ جنگشاهي ۾ هڪ عاليشان لائبريري به هئي.
**جنگشاهي ۾ ٻنهي عيدن جي موقعي تي جنگشاهيءَ جي شهر اولھ پاسي جبل تي قديمي عيد گاھ… تي جنگشاهي ۽ آسپاس جا مسلمان عيدن جون نمازون گڏ ادا ڪندا هئا…..! جتي جبل ڪنڊ تي حاجي محمد يوسف جاکرو بيهي رومال هلائي نمازين کي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي اچڻ جا اشارا سڏ ڪندو هو…. نمازي تڪڙيون وکون کڻندي عيد گاھ طرف ايندا هئا. عيد سڄي ڀريل هوندي هئي. نماز بعد جنگشاهيءَ جو شهر سڄو ڀرجي ويندو هو….
**جنگشاهيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي جڏهن هفتي جي آخري ڏينهن تي ڪراچي کان شام واري گاڏي اچي بيهندي هئي ته جنگشاهيءَ جو شهر چمڪڻ لڳندو هو….جنگشاهي واسي ڪراچي ۾ ڊيوٽيون ڪري اچي جنگشاھي جي ريلوي اسٽيشن تي لهندا هئا……
**جڏهن جنگشاهي جي ريلوي اسٽيشن جون رونقون بحال هونديون هيون هر ريل گاڏي اسٽيشن تي ضرور بيهندي هئي، ٺٽي جي درگاهن تي زيارت ڪرڻ وارا گهڻي ڀاڱي اڙدو ڳالهائڻ وارا ريل گاڏيءَ مان لهي ٻارن سان ڊاتسنن ۽ بسن ۾ ٺٽي مڪلي ۽ ٻين ماڳن طرف روانا ٿيندا هئا…. نو چندي هر اسلامي مهيني جي پهرين جمع رات جو وڏو رش هوندو هو جنگشاهيءَ جي جي بسن ۾…. بس جو بهترين اسٽاپ ريلوي اسٽيشن جي انتظار گاھ وٽ هوندو هو…سانوري جي هوٽل ويجهو هوندو هو.
باقي جيڪو ڪجھ رهجي ويو هجي اهو ڀلي ڪمينٽس ۾ لکجو.

Add a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *